عزرائيل عه

عزرائيل عه: اسلام ۾ جبرائيل عه، ميڪائيل عه، اسرافيل عه ۽ عزرائيل عه چار وڏا ۽ الله تعالى جا مقرب فرشتا سمجهيا ويندا آهن ۽ جهان جو نظام هلائڻ لاءِ انهن مٿان فرض سونپيا ويا آهن. حضرت عزرائيل عليه السلام اهو فرشتو آهي جنهن کي روحن قبض ڪرڻ تي مقرر ڪيو ويو آهي. مسلمان وٽ ‘عِزرائيل’ ۽ يورپ وارن جي ادب ۾ ‘عَزرائيل’ لکيو وڃي ٿو. عزرائيل موت جو فرشتو آهي ۽ ان جو شمار وڏن ملائڪن ۾ ٿئي ٿو. قرآن مجيد ۽ حديثن ۾ هن جو نالو ناهي آيو، پر ‘مَلڪ الموت’ (موت جو فرشتو) ضرور آيو آهي: قُلْ يَتَوَفَّاكُم مَّلَكُ الْمَوْتِ الَّذِي وُكِّلَ بِكُمْ ثُمَّ إِلَى رَبِّكُمْ تُرْجَعُونَ (سورة سجده 11) ترجمو: اي رسول الله صلعم چؤ! ته موت جو فرشتو جيڪو توهان تي مقرر ڪيو ويو آهي توهان جا روح قبض ڪندو آهي، پوءِ توهان پنهنجيپروردگار کي واپس حاضر ڪيا ويندؤ. قرآن مجيد ۾ صرف حضرت جبرائيل عليه السلام ۽ حضرت ميڪائيل عليه السلام جا نالا آيا آهن، باقي ٻن فرشتن جا نه آيا آهن. عيسائي روايتن ۾ حضرت عزرائيل عليه السلام جو ذڪر اچي ٿو. اسرائيليات جي ذريعي انهيءَ فرشتي جي شڪل شبيهه بابت جيڪي روايتون پهتيون آهن، انهن مطابق هن فرشتي جي شڪل ڀيانڪ ۽ خوفناڪ آهي. ان جا چار هزار کنڀ ۽ ستر هزار پير آهن، ان جي چئني پاسي منهن ۽ سڄي جسم تي اکيون آهن. سڀني ساهوارن جو موت عزرائيل عليه السلام جي ذريعي ٿئي ٿو، جنهن جي تعميل ٻيا فرشتا ڪندا آهن. حضرت عزرائيل عليه السلام صرف نبين سڳورن ۽ نيڪ انسانن جا روح قبض ڪندو آهي. هيءُ به چيو وڃي ٿو ته جڏهن الله تعالى موت کي پيدا ڪيو ته، سمورا ملائڪ ان کان ڊڄي ويا، رڳو عزرائيل عليه السلام نه ڊنو. ان ڪري اهو ڪم ان جي حوالي ڪيو ويو. اسلامي نظريي موجب حضرت عزرائيل عليه السلام مؤمنين، نيڪ ۽ صالح ٻانهن جا روح سُهڻي شڪل ۾ نرميءَ سان ۽ ڪافرن ۽ بدڪارن جا روح دهشت واري صورت ۾ سختيءَ سان قبض ڪندو آهي.


لفظ عزرائيل عهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو